نواز شريف جو علاج هلي پيو، هن سال يا ايندڙ سال واپس ايندو: شاهد خاقان

0
401
نوازشريف جو علاج هلي

ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هي واحد ملڪ آهي جتي چور احتساب ڪري رهيا آهن

احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي احتساب کي ڏسو، ڪيسن ۾ ڪجهه به نه آهي، ڪرپشن جي فهرست ۾ جڏهن ته هي حڪومت آئي هئي ته 117 نمبر هو، هاڻي ملڪ ڪرپشن جي فهرست ۾ 140 نمبر آهي

ليگي اڳواڻ چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، بجلي جا اگهه وڌي رهيا آهن، عوام جي کيسي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جا صلاحڪار فرار ٿي ويا آهن، صلاحڪارن پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن، نيب چيئرمين ڊيلي ويجز تي چنمبڙيل آهي

نوازشريف جي وطن واپسي جي حوالي سان هن چيو ته نواز شريف جو علاج هلندڙ آهي، نوازشريف هن سال يا ايندڙ سال ايندو، علاج مڪمل ٿيڻ تي هو وطن واپس ايندو