چمبڙ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شروع، دلچسپ مقابلا

0
293

چمبڙ (ن پ ا)چمبڙ ۾ جيئي سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ ۾ گالا اسپورٽس ڪلب چمبڙ ۽ حُر مجاهد اليون دلچسپ مقابلو ڪيو. چمبڙ پهريان کيڏندي مقرر 8 اوورن ۾ 148 رنز ٺاهيون،  خالد شاهه 8 ڇڪن جي مدد سان 60 رنز ٺاهيون، عرفان 45 رنز ٺاهي نمايان رهيو. جواب ۾ حُر مجاهد اليون صرف 98 رنز ٺاهي سگهي ۽ چمبڙ 38 رنز تان ميچ کٽي ورتي.