چاچا پئسا ناهن، مونکي به اٽو ڏيو، نينگر جي وڊيو وائرل

0
238

اٽو گهرندڙ نينگر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ چئي رهيو آهي ته چاچا مون کي به اٽو ڏيو، غريب آهيون پئسا ناهن، سوشل ميڊيا تي اها وڊيو دادو جي ڄاڻائي پئي وڃي، رميش ڪمار وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته چاچا پيسا ناهن، مونکي به اٽو ڏيو، هن کان وڌيڪ معاشري  ۾ ڪھڙي بيحسي ھوندي هڪ معصوم ٻار اٽي جي لپ لاءِ تڙپ محسوس ڪندي انسانيت شرمسار آھي ھن دفعي ووٽ ڏيڻ وقت اگر غيرت نه جاڳي اوھانجي ته پوءَ ڪڏھن به نه جاڳندي مخصوص ھڪ چند ماڻھن جو ٽولو اسان مٿان حاوي آھي انھن جي ڪري اسانجا معصوم بچا اٽي جي لپ لاءِ پريشان آھن، جنهن تي نيم داس ڪولهي لکيو ته حڪمرانن کي زور به رحم ڪونهي، سرور ڪمار سوني لکيو ته انتهائي افسوسناڪ وقت ھلي رھيو آھي هرطرف مهانگائي جو جن ڪم پيو لاهي، ڪامريڊ عثمان ڀٽو به ان ٻارڙي جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي نا اهل حڪمرانن کي ٻڏي مرڻ گهرجي، غلام مجتبيٰ مگسي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هن کان وڌيڪ سماج جي ڪهڙي بي حسي  هوندي، هڪ معصوم ٻار اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهي، فقير وزير لغآري به اهڙي وڊيو شيئر ڪئي، علڻ ڏنو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ننڍڙي جون صدائون ٻڌي روئڻ اچي ٿو، چاچا پئسا ناهن مون کي به اٽو وٺي ڏيو، وريام علي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ٻارڙو چوي پيو ته چاچا پئسا ناهن مون کي به  اٽو وٺي ڏيو هن کان وڌيڪ سماج جي ٻي ڪهڙي بي حسي هوندي.عبدالغني وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته وڊيو ۾ ٻارڙو چوي پيو ته چاچا پئسا ناهن مون کي به اٽو وٺي ڏيو غريب آهيون اهو سڀ ڏسي ڪري اکين مان لڙڪ وهي آيا، افسوس ٿيو، ساجد الياس ڦلپوٽو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هن معصوم کي ڪهڙي خبر ته وقت جا حڪمران وڏا ظالم آهن جن سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي هن مسڪين کي ڇا ڏيندا، هتي حڪمران انسان ئي ناهن رهيا.