لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪالھه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ صبح جي وقت چانڊيا برادري سان واسطو رکندڙ قيدين پاران جيل انتظاميا پاران چڱي مڙس خلاف مبينا گٿا لفظ ڳالهائڻ تان قيدين ۽ جيل انتظاميا وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، جنهن دوران قيدي بيرڪن مان ٻاهر نڪري آيا، جن مبينا طور ٽن اهلڪارن کي يرغمال بڻائي سخت احتجاج ڪيو. ان موقعي تي قيدين نادر چانڊيو، اوشاق چانڊيو، وڇون چانڊيو ۽ ٻين الزام لڳايو ته سندن سردار خلاف جيل انتظاميا گٿا لفظ ڳالهايا آهن، هو اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، هنن چيو ته جيل اندر پر امن آهيون پر هڪ سازش تحت جيل جي ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ قيدين کي ڀڙڪايو پيو وڃي، هنن آءِ جي جيل سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن برهان چانڊيو خلاف ڳالهائيندڙ جيل انتظاميا فوري معافي نه ورتي ته هو جيل اندر پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين، هوڏانهن جيل سپريٽينڊنٽ لياقت پيرزادو ۽ قيدين نادر چانڊيو، وڇون چانڊيو ۽ اوشاق چانڊيو وچ ۾ معاملي جي نبيري لاءِ ڳالهيون ٿيون، جيڪي ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيون، جن جي ڪاميابي بعد قيدي يرغمال بڻايل اهلڪارن کي ڇڏي پنهنجي بيرڪن ۾ هليا ويا. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين ۽ جيل انتظاميا وچ ۾ پاڪ ڪتاب تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس خلاف مبينا طور گٿا لفظ ڳالهائڻ تي جيل انتظاميا طرفان معافي به ورتي وئي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سپريٽينڊنٽ لياقت پيرزادو چيو ته جيل انتظاميا طرفان چانڊيا سردارن خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي، جيل اندر جيڪو معاملو ٿيو اهو حل ٿي ويو آهي، جنهن بعد قيدي پنهنجي بيرڪن ۾ هليا ويا آهن، هن چيو ته جيل جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.