ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني ۽ وڏي وزير سيد مراد شاھ برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪميشن پهچي ڪنگ چارلس ۽ راڻي ڪميلا جي تاج پوشي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر فريال ٽالپر پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿي، ان  موقعي تي وقتي گورنر  سراج دراني چيو ته  برطانوي سلطنت قديم ترين سلطنتن مان هڪ آهي، راڻي ايلزبيٿ پنهنجي 70 سالن جي اقتدار ۾ ڪيتري اُٿل پٿل ڏٺي، راڻي ايلزبٿ پنهنجي شاندار قيادت وسيلي برطانيه کي مشڪلاتن مان ڪڍيو،  اسريل ملڪن لاءِ راڻي ايلزبٿ جون خدمتون ناقابل فراموش رهنديون، ھن چيو ته مون کي اميد آهي ته بادشاهه چارلس III پنهنجي ماءَ جي نقش قدم تي هلي برطانيه جي تاج جي خدمت ڪندو،  ڪنگ چارلس پاڪستان خاص ڪري سنڌ صوبي جي مدد ڪندو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي مضبوطي جو ڏينهن آھي