ڄام نواز علي (ن پ ا) جمڙائو ڪينال مان نڪرندڙ دلور شاخ ۽ پاٽيون شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي عاشق ڪٽوهڙ، خادم ڪٽوهڙ، فتح خان مري، صيفل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته آپياشي عملدارن گذريل ٻن  مهينن کان شاخون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري فصل پوکي نه سگهيا آهيون، هنن چيو ته شاخون بند هجڻ سبب مال اڃ وگهي مري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻئي  طرف ايس ڊي او زاهد ميمڻ ۽ ايس ايڇ او ڄام نوازعلي مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو،