ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ سيلاچي ۾ سڱاوتي تڪرار تان مري ۽ سيلاچي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نظر محمد سيلاچي، جانب مري، عطا حسين مري ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي پيا، زخمين کي پي ايم سي اسپتال نواب شاھ موڪليو ويو.