ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٻن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي، ڪتابي ميلي جو افتتاح بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ ڪيو آهي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ قائم سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  طرفان بورڊ جي ادبي روايتن کي برقرار رکندي  ۽ ادب طرف عام ماڻهن کي مائل ڪرڻ لاءِ  ٻن ڏينهن جي ڪتابي ميلي جو احتمام ڪيو ويو آهي، ڪتابي ميلي ۾  سنڌي ادبي بورڊ،  سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، پيڪاڪ پرنٽرز،نئون نياپو، دانيال ڪتاب گهر،ناري پبليڪيشن، سمبارا پبليڪيشن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انسٽيٽوٽ آف هيريٽيج اينڊ ريسرچ،علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪويتا پبليڪيشن، روشني پبليڪيشن، موسيٰ پبليڪيشن، احساس پبليڪيشن، ڪاڇو پبليڪيشن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي، چانڊوڪي پبليڪيشن، ايلسا پبليڪيشن، رومي ڪتاب گهر ادارن طرفان ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن. افتتاحي تقريب دوران سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ڪتابي ميلي ۾ لڳايل اسٽالن جو دورو ڪري پبلشرن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو.  ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان وٽ اڪثر اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته  ڪتابي ميلن ۾ اسٽال لڳائيندڙ پبلشر صرف ڪمائيءَ لاءِ اسٽال لڳائن ٿا، پر آئون سمجهان ٿو ته ايئن بلڪل به نه آهي، ڇو ته هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ڪرايا ڀاڙا ڀري اچي اسٽال لڳائڻ سان ته انهن جو خرچ به نٿو نڪري، ڪتابن جا اسٽال لڳائيندڙ پبلشر حقيقي معنيٰ ۾ قوم جي خدمتگذار جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ڇو ته ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ شعور جا دروازا کلن ٿا. جيڪي نوجوان ڪتابن طرف راغب ٿين ٿا انهن جا ذهن مثبت ۽ تخليقڪار  ٿين ٿا، ۽ اهي پنهنجي قوم لاءِ اڳتي هلي هڪ رهنما جو ڪردار ادا ڪن ٿا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته منهنجي بطور چيئرمن پهرين ڏينهن کان اها ڪوشش رهي آهي ته ڪتابن جي اشاعت سان گڏ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺرايون ۽ ان ئي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ مختلف وقتن تي ڪتابي ميلا لڳائڻ سان گڏ ٻيون ادبي تقريبون پڻ منعقد ڪندا رهون ٿا.