ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو شھر ڀرسان شورا ڳوٺ وٽ ڪراچي واھ مان نينگر جو لاش هٿ آيو آهي، لاش کي واهه ۾ لڙهندو ڏسي اتي موجود ماڻهن ڏسي ڪڍي ورتو ۽ رهواسين جي اطلاع تي پوليس پھچي ڪڍيل لاش کڻي لمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب نوجوان جي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. جنهن جي ڪري لاش کي سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني منتقل ڪيو پيو وڃي.هوڏانهن نينگر جي لاش هٿ اچڻ واري هنڌ تي موجود ڳوٺاڻن موجب ٻن ماڻهن جا لاش لڙهندي ڏٺا ويا هئا جن مان هڪ نينگر جو لاش ڪڍي ورتو باقي ٻيو لاش هيٺ لڙهي ويو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪي بي فيڊر ۾ ٽي ماڻهو ٻڏي ويا آهن اهو ٽئين ٻڏي ويل ماڻهو جو لاش هو جيڪو لڙهي ويو آهي.