ڀٽ شاھ (ن پ ا) درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي گيٽ سامھون بيٺل  ڪيري کي اوچتو باھ لڳي وئي آھي ڪيري ۾ ويٺل ھڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جن کي اسپتال منتقل ڪيوويوآھي زخمين ۾ محمد رمضان ھاليپوٽو ـ مسمات سڪينا ھاليپوٽو ۽ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ چنگچي ڊرائيور صدورو ڪاتيار شامل آھن جڏھن تـ ٻيا مسافر درگاھ ۾ اندر زيارت تي ويل ھئا ـ زخمين مان ٻن جو تعلق ميرپور خاص سان ۽ ھڪ جو تعلق ٽنڊوآدم سان آھي.