ڀٽ شاھ (ن پ ا) سنڌ جي تاريخي شھر ڀٽ شاھ ۾ ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شھر جي اڪثر علائقن روڊن رستن اسڪولن ۽ مسجدن آڏو گندگي جا ڍير بڻيل آهن. شھر مڪمل گندگي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاه ۾ 74 ملازم ڀرتي ٿيل آھن انهن مان صرف 20 ملازم ڊيوٽي ڪري رهيا آھن 54 ملازم تي گهر ويٺي پگھار کڻي رھيا آھن ٽائون آفيسر ڀٽ شاه لياقت ڀٽي رشوت عيوض صفائي عملي کي گهر ويهاري ڇڏيو آهي جڏهن تـ ڪچي پڙي ٽيڪس جون پرچيون به جعلي هلائڻ لڳو آھي ھرمھيني57 لک رپيا ڀٽ شاه ٽائون ڪميٽي جي بجيٽ آھي پرسڀ پيسه مبينا طور ڪرپشن جي نظر ٿي رهيا آهن شھر جي گلين ۽ اسڪولن اڳيان گٽر جو گندو پاڻي بيھڻ سبب شھر ۾ ڊينگي وائرس جا خطرا بـ وڌڻ لڳا آهن ـ شھري مختلف بيمارين جا شڪار بڻيل آهن ڀٽ شاھ درگاھ چاڙھي تنبوره چوڪ ڪراڙ ڍنڍ لطيف ڪالوني پير محلو شيخ محلي سميت پورو شھر گندگي جي ورچڙهيل آهي گندگي سبب ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي شھرين ۽ اسڪول طرف ويندڙ شاگرد پريشاني جو شڪار آهن اڪثر شھر جي علائقن ۾ گندگي جا ڍير ۽ نالين ۾ گندگي ھجڻ سبب ناليون ابتڙ وهڻ لڳيون آهن جنھن سبب نالين ۽ گٽرن جو پاڻي گھرن ۽ مسجدن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي شھري پنھنجي مدد جي پاڻ ناليون صاف ڪرڻ تي مجبور آهن شھرين عبدالجبار سومرو ـ اڪبر چوهاڻ ، ذوالفقار علي ، حيدر علي ـ سيد هاشم شاه ، سڪندر علي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ڀٽ شاھ ٽائون انتظاميه جي نااھلي سبب اسان نالين مان پاڻ ملبو ڪڍي رھيا آھيون ٽائون آفيس جا چڪر ڪاٽيا آھن پر ٽائون عملو صفائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد ٽائون آفيسر ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري شھر ۾ صفائي مھم ھلائي شھرين جي بي چيني ختم ڪئي وڃي ـ ٻئي صورت ۾ شھري روڊن رستن تي نڪري احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي ويندا ـ