ڀُٽي جي گمشده پيپلز پارٽي

0
24

 اهو 4 اپريل جو ئي صبح هو، جڏهن مون کي وليد بن عتبه بن مجيع ياد اچي رهيو هو. عربي زبان جي ان قادر الڪلام شاعر، ابو مسلم خراساني جو مرثيو لکيو هو. ابو مسلم خراساني، جنهن بنو اميه جي اقتدار خلاف هڪ منظم تحريڪ هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ بنو عباس اقتدار ۾ آيو. پوءِ هڪ ڏينهن خلافت عباسيه پنهنجي ان محسن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. محسن ڪشيءَ جي انساني تاريخ ۾ ان سان هڪ ٻئي سانحي جو اضافو ٿي ويو. مورخن لکيو ته، ابو مسلم خراساني جي سفاڪاڻي قتل جي خبر بصره پهتي ته وليد بن عتبه بن مجيع چيو ته، “محسن ڪشيءَ جو ان کان خراب مثال ٻيو ڪو شايد ئي ملي. خليفي جي محل ۾ پردن جي پٺيان لڪل ڪرائي جي قاتلن ان شخص کي موت جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، جنهن عباسي خلافت جي عمارت جي اوسر ڪئي هئي. ڦٽڪار هجي انهن تي، جو اهي احسان وساري ويٺا. ڀڄي ڀورا ٿين زندگيءَ جي شاهراهه تي اُهي، جن هڪ شهسوار تي لڪي وار ڪيو. ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي. ماڻهو محسنن جي رت سان پنهنجي اڃ اجهائين ٿا. مون کي لڳي رهيو آهي ته عباسي خلافت کي ڪي فاتحه پڙهندڙ به نصيب نه ٿيندا. هاءِ هاءِ، اهو نه رهيو جيڪو ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو ۽ ان جي مخالفن جي قدمن هيٺان زمين کسڪندي رهندي هئي. عرب اهڙا محسن ڪش ڪڏهن نه هئا! عربن جي چهرن تي ڪارنهن ملڻ وارئو! حساب واري ڏينهن اوهان ڪهڙو جواب ڏيندا؟”

وليد بن عتبه جو مرثيو ابو مسلم خراساني لاءِ هو پر ان دستڪ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ورسي واري ڏينهن صبح جو ڏني. ڀُٽي هڪ هارايل لشڪر ۽ ٻه اڌ ٿيل ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو، ملڪ کي دستور ڏنو. ائٽمي پروگرام جو بنياد رکيو (درست يا غلط، اهو الڳ بحث آهي) پر وڏي ڳالهه اها ته هن ملڪ جي چٿيل طبقن ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪيو.

ڀُٽي جي ذات ۽ طرز حڪمرانيءَ سان اختلاف ڪندڙن وٽ به دليلن جا انبار آهن. منهنجو هڪ پڙهيل لکيل دوست ڀُٽي صاحب جي حوالي سان لکيل ڪنهن حوالاجاتي تحرير يا ڪالم تي پنهنجي فڪر جا نشانا چِٽي اڪثر ثواب ڪمائيندو رهندو آهي. هو اهو طعنو به ڏيڻ کان ناهي هٻڪندو ته، “توهان جي نسل جي محبوب رهنما تعليمي، صنعتي ۽ مالياتي ادارن کي قوميائڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪري پنهنجي ابتري کي کيڏ کيڏڻ جي دعوت ڏني.” سندس اهو موقف جي ايڇ ڪيو ۽ جماعت اسلامي جي ميلاپ جو نتيجو آهي. منهنجو خيال اهو آهي ته اسان کي ڀُٽي صاحب کي انسان ئي سمجهڻ گهرجي، هڏ چم ۽ ماس جو انسان. هو نه اوتار هو ۽ نه ئي وري ماءُ جي پيٽان ڄميل ولي ۽ صوفي. نه ئي وري ان ڪڏهن اها دعوا ڪئي ته، “خدا مون کي پيغمبرن وانگر تيار ڪيو آهي”. يقينن ان کان غلطيون به ٿيون پر ان جي خوبين جو پُڙ ڳرو آهي ۽ ضياءُ الحق جي ظالماڻي دور ۾ شان سان ڦاسيءَ تي چڙهي هن پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو.

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جيڪڏهن ڀُٽو چاهي ها ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير کي 1973ع جي آئين جو سرنامو/پتو/مهاڳ قرار ڏيئي سگهيو ٿي. بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿيو پر ان جهڙي لبرل ۽ ترقي پسند رهنما رياست کي ‘مشرف به اسلام’ ڪيو ۽ پوءِ ‘اسلام پسندن’ ۽ اهل ڪتاب جي اتحاد هٿان ڦاسي چڙهي ويو. مذهب جو اٺ 1973ع جي دستور جي طاقت سان سياست جي خيمي ۾ داخل نه ٿيو. جيڪڏهن ٿئي ها ته انهن گهڻين بدعتن جو روڄ راڙو ڪرڻو نه پوي ها، جن جي ڪري هڪ ترقي پسند، لبرل ۽ قومي جمهوريت جي شعور سان مالا مال سماج جي تعمير جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون. طاقت جو سرچشمو عوام کي قرار ڏيندڙ رهنما سماج جي بالادستن ۽ ٺڙڪو مُلن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. آمريڪي ان جي رت جا پياسا هئا ۽ جيئن ئي آمريڪين کي جنرل ضياءُ الحق جي شڪل ۾ وفادار مليو ته اهي باقي ڪٺ پتلين کي ميدان تي وٺي آيا.

ٽين دنيا جي محڪوم زمين زادن جو آواز بڻجندڙ ڀُٽي جي ذات ۽ سياست جو جادو اڄ به زوران زور آهي. ان جي جماعت سندس نياڻي کان ٿيندي، هاڻي ناٺيءَ جي هٿ وس آهي، البته پيپلز پارٽي جي سامراج دشمن سياست ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي. ان بحث ۽ سوال کي اتي ئي ٿا ڇڏيون. نظريات هاڻي عجيب شيءِ بڻجي ويا. ايڪيهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي جي چوٿين سال جي ايندي ايندي گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويو. پاڪستان جي سياسي، مذهبي، فرقيواراڻي ۽ قومپرست جماعتون خانداني ۽ طبقاتي ڪمپنيون بڻجي رهجي ويون. “بُت هين هر جماعت ڪي آسيتينون مين”. ۽ “ڪب آئيگا حڪمِ اذان؟” …. في الحال ته ان جي ڪابه خبر ڪانهي ۽ نه ئي طوفان کان اڳ واري خاموشي آهي.

ڀُٽي صاحب جي پارٽِي ۽ ان جي موجوده قيادت پاڪستاني سياست جي بدلجندڙ گهرجن جو ادراڪ ڪرڻ بدران اڄ به وفاق پرست سياست جو جهنڊو سنڀاليو بيٺي آهي. ارڙهين ترميم ذريعي پ پ اختيارن جي صوبن کي منتقلي جي جيڪا راهه هموار ڪئي، اهو خواب ڪڏهن ساڀيان ماڻيندو، ان جي باري ۾ ڪجهه چوڻ ان ڪري به ممڪن نه آهي ته ارڙهين ترميم جي ارٿي کڻڻ ۽ تدفين وارا ئي نظر نٿا اچن، جڏهن ته فيصلا سازيءَ جو اختيار هاڻي به اصل اقتدار ڌڻين وٽ آهي.

خوبين ۽ خامين جو بحث پنهنجي جاءِ تي پر اها حقيقت آهي ته ڀٽو ويهين صديءَ جي چند وڏن رهنمائن مان هو. ان جي ذات ۽ طرز حڪمراني تي سوال اٿاريندڙن کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اهو ڀٽو ئي هو، جنهن ٻه ٽڪرا ٿيل ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي هئي. ان جي سياست جي انداز ئي رعيت کي عوام هجڻ جو شعور ڏنو ۽ عوام جي طبقاتي سياست جا وڏا وڏا برج ابتا ڪري ڇڏيا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اهو اسڪندر مرزا جي دور ۾ اقتداري ايوان ۾ داخل ٿيو. پوءِ پهرئين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان جي دور ۾ پرڏيهي وزير طور پنهنجين صلاحيتن جو ڌاڪو مڃرايو. ايوبي حڪومت کان الڳ ٿيو ته ان جي پهرين ترجيح نيشنل عوامي پارٽي ۽ ٻي ڪونسل مسلم ليگ هئي پر اهي به انکي ڀانءِ نه پيون. هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو. (مرحوم ڊاڪٽر مهدي حسن جي اها ڳالهه درست ناهي ته پيپلز پارٽي ڀُٽي نه پر ڊاڪٽر مبشر حسن ٺاهي هئي ۽ هن پ پ جي چيئرميني ذوالفقار علي ڀٽي کي پيش ڪئي).

ترقي پسند خيالن ۽ نظرين واري پ پ ايوبي دور جي ٻاٽ اونداهين ۾ عوام دوست سياست جي شمع روشن ڪئي. 5 جولاءِ 1977ع تي ان جو اقتدار جو ٻيو دور پڄاڻي تي پهتو. جنرل ضياءُ الحق (جنهن کي هن اٺين ڏاڪي تان کڻي آرمي چيف بنايو هو) ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. ضياءُ جي ٻانهي بڻيل عدالتن قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڀُٽي کي موت جي سزا ٻڌائي.

4 اپريل 1979ع جي صبح ڦاسي گهاٽ تي ڀُٽي صاحب جي ساهه جي تند ٽُٽي وئي. ڀٽو ڦاسيءَ تي چڙهي ضياءُ الحق لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو. ضياءُ جي 11 سالن جي مارشل لا هزارين جيالن کي ڦٽڪا هنيا. سوا لک جي لڳ ڀڳ سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ صحافين کي فوجي عدالتن مان سزائون ڏياريون پر اهي ماڻهن جي دلين مان ڀُٽي جي محبت ڪڍي نه سگهيا. گذريل 45 سالن کان ڀُٽي صاحب جي ياد تازي ڪرڻ وارا 4 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ۾ گڏ ٿيندا آهن. ڪاش ڳڙهي خدا بخش ۾ هر سال 4 اپريل تي گڏ ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ٻيهر هن ملڪ جي محڪوم ۽ مجبور طبقن جي جماعت بڻائي سگهن! اهي هن حقيقت کي به سمجهي سگهن ته پاڪستان، ان ۾ آباد پنجن قومن جو ملڪ آهي ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پنجن ئي قومن جي وچ ۾ نئين عمراني معاهدي جي ضرورت آهي. پر ڇا اها پيپلز پارٽي، جنهن تي ڀُٽي جي قاتل طبقن جو “قبضو” آهي، نئين سياسي سجاڳي سان عمل جي ميدان ۾ پير رکي سگهندي؟ اهو سوال به خاص اهميت رکندڙ آهي پر ڇا پيرن، ميرن، مخدومن، سردارن، اسٽيبلشمينٽ جي خانداني دهلارين جي باندي بڻيل پيپلز پارٽي پنهنجي اصل طرف موٽي سگهندي؟ ٻيو سوال پهرين سوال سان جڙيل آهي. ڏسڻو اهو آهي ته 1988ع کان سمجهوتن جي سياست ۾ مصروف پ پ جي نشاته ثانيه ٿي سگهندي يا اهو خواب به تعبير کان اڳ ۾ ئي چوري ٿي ويندو؟