‘پلصراط’ جهڙا رستا ۽ ڦيٿن هيٺان چيڀاٽجندڙ زندگيون

0
27
ٽڪراءَ ڏانهن وڌندڙ ادارا ۽ خطري جا وڄندڙ سائرن

هونئن ته زندگي هميشه کان حادثن جي شاهراهن تي هلندي رهي آهي، پر انساني غلطي، معمولي لاپرواهيءَ، توڙي پلصراط جهڙا خطرناڪ رستا به نقصانن ۾ اضافي جو سبب بڻجندا رهيا آهن. شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هجي جو رُڪ جا راڪاس زندگين جو خراج نه وصول ڪندا هجن. ڳڀرو جوانيون ڪارَن ڦيٿن جي هيٺان اچي چيڀاٽجنديون ۽ چچرجنديون نه هجن. اهڙو ئي هڪ حادثو عيد واري ڏينهن شاهه بلاول نوراني جي درگاهه تي زيارت لاءِ ويل مڪليءَ جي ڳوٺ قاسم جوکيو واسي پانڌيئڙن سان پڻ پيش آيو آهي، جتي پانڌيئڙن سان ڀريل ٽرڪ ڊرائيور جي وس مان نڪري اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون آهن.

سنڌ جون ڪيتريون ئي درگاهون امن، ڀائيچاري، مذهبي هم آهنگي ۽ صوفياڻي فڪر جون پرچارڪ رهيون آهن. انهن ئي درگاهن تان پيار جو پيغام ملندو رهيو آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڪيتريون ئي درگاهون گادي نشينن ۽ اوقاف لاءِ صرف ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهن، پر ڪجهه درگاهون حقيقي صوفياڻي فڪر جي ڦهلاءُ جو مرڪز رهيون آهن، جتي هن نفانفسي جي دور ۾ ماڻهو ذهني سڪون جي تلاش ۾ وڃن ٿا. انهن درگاهن ۾ شاهه بلاول نوراني جي درگاهه پڻ شامل آهي. نه صرف سنڌ پر سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو تعداد بلوچستان جي جبلن ۾ موجود تيرٿن، اسٿانن، تڪين ۽ درگاهن جي زيارتن لاءِ ويندو آهي. تمام گهڻا ماڻهو شاهه بلاول نوراني، لاهوت، هنگلاج ۽ ٻين زيارتن ڏانهن ويندا آهن. انهن درگاهن تان اوقاف کاتي کي هر سال ڪروڙين رپين جو نذرانو وصول ٿيندو آهي پر حقيقت اها آهي ته انهن درگاهن تي نه زائرين کي ڪا سهولت آهي، ايتري قدر جو اتي رسائي ۽ پهچ جا رستا به انتهائي ڏکيا ۽ دشوار گذار آهن. اهو سڄو علائقو جابلو لڪن ۽ ٽڪرين تي ٻڌل آهي ۽ انهن زيارتن تائين پهچڻ لاءِ ڪي به بهتر روڊ رستا جوڙايل ناهن، جو ماڻهو اتي سلامتيءَ سان پهچي سگهن. جيڪڏهن حڪومت اتي سهولتون مهيا ڪري ۽ روڊ رستا تعمير ٿين ته سياحت کي به هٿي ملي سگهي ٿي پر حڪمران عوام جي عقيدت ۽ ويساهه جو فائدو وٺندا رهيا آهن پر انهن کي ڪابه سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

شاهه نوراني جي درگاهه تان موٽندڙ زائرين سان حادثو به دشوار گذار لڪن ۽ جابلو رستن جي ڪري پيش آيو. جيئن ته ڪنهن امڪاني حادثي جي صورت ۾ انهن زيارتن، درگاهن ۽ اسٿانن ڏانهن ويندي زائرين جي ڪابه واهر ٿي نه سگهندي آهي، نه انهن کي ڪا طبي امداد ملي سگهندي آهي ۽ نه ئي وري رستي ۾ ڪي ٽراما سينٽر يا استپالون آهن، جتي حادثي جي متاثر ماڻهن کي فوري علاج جون سهولتون ميسر ٿين ۽ انهن جون زندگيون بچي پون، ڇو ته هن ملڪ جي حڪمران اشرافيه کي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سُتي ئي پيل ناهي. انهن دشوار گذار رستن تي سفر ڪندڙ ماڻهن جي واهر لاءِ، ڪنهن امڪاني حادثي جي صورت ۾ ايئر ايمبولينس هجڻ گهرجي، ڇو ته پر جيستائين ڪراچي يا حب کان ڪا امداد رسي، ايمبولينسون پهچن، تيستائين گهڻي دير تي چڪي هوندي آهي. جڏهن 2016ع ۾ شاهه نوراني جي درگاهه تي دهشتگرد حملو ٿيو هو، جنهن ۾ گهڻا ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا هئا ۽ زخمين جو به وڏو تعداد هو، ان وقت به اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي هئي ته ضلعي هيڊڪوارٽر خضدار کان انتظاميا ۽ ريسڪيو ٽيمن کي پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو هو. هتي ايئر ايمبولينس ته پري جي ڳالهه عام ايمبولينسون به ميسر ناهن، جيڪي زخمين کي ترت اسپتالن تائين پهچائي سگهن. ترت واهر نه ٿيڻ سبب گهڻيون حياتيون ضايع ٿيو وڃن.

درگاهه شاهه نوراني تان ايندڙ مڪلي واسين سان پيش آيل حادثي ۾ حياتين جي وڏي نقصان تي اسان انتهائي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا ۽ اها گهر ڪرڻ ۾ به حقي واجبي آهيون ته حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جي پونئيرن لاءِ مالي سهائتا جو اعلان ڪيو وڃي، ڇو ته انهن مان گهڻا پنهنجي ڪٽنب جا واحد سنڀاليندڙ هئا پر جيئن پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي معاملي کان پري رهندي آهي، شايد هن ڀيري به ايئن پيو ٿئي جو سنڌ سرڪار ان کي بلوچستان جي حد ۾ ٿيل حادثو سمجهي نظر انداز ڪري رهي آهي، جڏهن ته بلوچستان حڪومت وري زائرين جو تعلق سنڌ سان هئڻ جي ڪري لاتعلق بڻيل آهي. سنڌ سرڪار کي حادثي ۾ حياتيون وڃائيندڙ زائرين جي پونئيرن لاءِ مالي امداد جو ترت اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ زخمين جي لاءِ پڻ مالي اعانت جو اعلان ڪيو وڃي. بلوچستان حڪومت کي وفاق جي مدد سان انهن زيارتن، اسٿانن، درگاهن ۽ تڪين ڏانهن ويندڙ روڊ رستا ٺهرائڻ گهرجن ۽ اڳ ۾ ئي ٺهيل روڊن جي مرمت ڪرائڻ گهرجي. رستي تي هڪ مخصوص مفاصلي کانپوءِ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن امڪاني حادثي جي صورت ۾ ماڻهن جون زندگيون بچي سگهن.