ڪراچي (شوبزنيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪاره ايمن خان پنهنجي ڀيڻ ۽ اداڪارا منال خان جي مڱڻي تي به پنهنجي والد کي ياد ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهي. اداڪاره فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي منال خان ۽ اداڪار احسن محسن جي مڱڻي جي ويڊيو شيئر ڪندي کين مبارڪون ڏنيون ۽ ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته بابا اسان توهان کي تمام گهڻو ياد ڪندا آهيون، زندگي توهان کانسواءِ اڳ جهڙي ناهي رهي. ياد رهي ته تازو ئي منال خان ۽ احسن محسن جو مڱڻو ٿيو آهي.