ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) شينهن اڳيان اچي هن جو شڪار ٿيڻ کان بچڻ ايئن خوش نصيبن سان ئي ٿيندو آهي، اهڙو ئي ڪجهه هڪ ڀولي سان به ٿيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شينهن ۽ ڀولي وڻ تي ويٺل آهن ۽ ظاهري طور شينهن جي نيت ڀولي کي شڪار ڪرڻ جي آهي. ڀولي پهريان وڌيڪ مٿي چڙهي ويو ته جيئن شينهن به هن جي پويان مٿي اچي، ان کانپوءِ اهو ايئن تاثر ڏيندو آهي ڄڻ اهو وڻ تان ڪرڻ وارو آهي. ڀولي کي کائڻ لاءِ شينهن به لڏندڙ ٽاريءَ تي لڙڪي پوندو آهي. ان کانپوءِ ڀولو ٽپ ڏئي ٻئي ٽاريءَ تي ڀڄي ويندو آهي جنهن سبب پهرين ٽاريءَ لڏڻ لڳندي آهي، شينهن پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هيٺ ڪري پوندو آهي. ان کانپوءِ هو پشيمان ٿي جهنگ طرف هليو ويندو آهي.ٽوئٽر تي ان وڊيو کي ڏي واهپيدار خوب لطف اندوز ٿيا ۽ ڀولي کي چالاڪيءَ تي داد پڻ ڏنو.