راولپنڊي ( اسپورٽس نيوز ) انگلش ڪرڪيٽر جميز انڊروسن چيو آهي ته هو پاڪستان دوري لاءِ پرجوش آهي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جيمز اينڊروسن چيو ته پاڪستان بهترين آجيان ڪئي وئي، پچ بابت بهتر تجزيو نٿو ڪري سگهان، پر ڀرپور تياري سان آيا آهيون،  پاڪستان جي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي دورن جون وڊيوز ڏسي چڪا آهيون. انگلش ڪرڪيٽر چيوته اسان فريش مائينڊ سان پاڪستان آيا آهيون، پاڪستان ۾ مختلف ۽ چئلينجنگ ڪنڊيشنز ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندو،