ڀرياسٽي واسي نوجوان ٻن ڏينهن کان گم، گهر ۾ اداسي ڇانيل

0
321

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجهو ڳوٺ محمد حسن بروھي جو نوجوان سبحان علي ولد پير بخش بروهي پرسرار طور ٻن ڏينهن کان گم ٿي ويو، نوجوان جو ڀاءُ جاويد بروھي جو چوڻ آهي ته منھنجي ڀاءُ جو ذهني توازن درست ناهي، نوجوان ٻه ڏينھن اڳ چوپايو مال چارڻ لاءِ گھران نڪتو تـ واپس ناھي آيو ھن چيو تـ غريب مسڪين آھيون ۽ اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ، لاکاروڊ ٿاڻي تي نوجوان جي گمشدگي جو اطلاع پڻ ڏنو آھي هن اپيل ڪندي چيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي .