اسلام آباد ( رپورٽ: ايم بي سومرو ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) سان ڳالهين لاءِ وفاقي سرڪار گهريلو، ڀاڻ، سي اين جي ۽ سيمنٽ سيڪٽر لاءِ گيس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد کي گيس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ٽي پلان ڏنا ويا آهن، آءِ ايم ايف کي فرٽيلائزر پلانٽس لاءِ به گيس جي اگهن ۾ واڌ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن. ان کانسواءِ گيس سيڪٽر جو گردشي قرض گهٽائڻ لاءِ ڊيويڊنڊ اسڪيم تي به مشاورت ڪئي وئي آهي، اوڳاڙين، سڌارن ۽ ٽيرف بابت ڊيٽا آءِ ايم ايف سان وقت سر شيئر ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد سان گيس سيڪٽر لاءِ ٽيرف، گردشي قرض ۽ ريفارمز تي ڳالهيون ٿينديون، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان ۾ آگسٽ کان گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز آهي، جڏهن ته پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بل سئو کان چار سئو رپين تائين وڌائڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب تندورن لاءِ گيس اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي سرڪار ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، حڪومت ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف ) جي مشاورت سان تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي لکت ۾ خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.دستاويزن موجب، ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي مڪمل صلاح مشوري سان بجيٽ تيار ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت بجيٽ سرپلس بابت صوبن کان تصديق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي بجيٽ جي تياري تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اختيارين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ پنهنجا شرط پيش ڪري رهيو آهي، حڪومت کي آءِ ايم ايف جي شرطن تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سخت معاشي پاليسيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.