ڀان سيدآباد / سيوهڻ/ منهڙو (نمائندن وٽان) ڀان ويجھو قلندر جي پانڌيئڙن سان هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو آهي، جتي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب 3 عورتون فوت ٿي ويون جڏهن  ته نينگري سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ڀان سيدآباد ويجهو درگاهه ويهڙ شريف وٽ دادو سيوهڻ روڊ تي سيوهڻ قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ويندڙ زائرين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 3  عورتون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون، جڏهن ته هڪ معصوم نينگري سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ 17 ورهين جي سبحان خاتون ڌي شفيع محمد، مسمات بنيتا لغاري ۽ حاجاڻي زال رحمت الله لغاري طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ رحمت الله، سينگار، علي نواز، مسمات نجمه، هوران، مسمات دانا لغاري، گلشير،نعمت الله، سميت ٻيا شامل آهن، زخمين کي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي، ٽريڪٽر ٽرالي ۾ قلندر لعل شهباز جا زائرين سوار هيا، پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جيڪي تعلقي قاضي احمد جي ڳوٺ پناهه ڏاهري ۾ رهندڙ آهن. هوڏانهن فوتي ٽنهي عورتن جا مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي اباڻي ڳوٺ پناه ڏاهري طرف کڻائي ويا.