ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آصف علي ميمڻ) ڀان سيدآباد ۾ 7 ورهين جي معصوم نينگر سان شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڀان سيدآباد شهر جي شيدي پاڙي ۾ هڪ شاپنگ سينٽر ڀرسان 7 ورهين جي نينگر علي رضا پٽ رفيق ميمڻ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار اڃاتائين قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا، نينگر جا وارث انصاف جا منتظر آهن، ان سلسلي ۾ وارثن جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي معصوم نينگر علي رضا ميمڻ هٿ ٻڌي انصاف جي اپيل ڪندي چيو ته مان جمعي ڏهاڙي صبح جو گهران بازار مان پراٺا وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته شيدي پاڙي ۾ 2 وحشي جوابدارن مون کي زبردستي روڪيو ۽ مون تي تشدد ڪندا مون کي هڪ مسجد جي پويان واري گهٽي ۾ وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، نينگر ٻڌايو ته جوابدارن جنسي زيادتي ڪرڻ بعد مون کي اڇلائي فرار ٿي ويا جنهن بعد مسجد مان نڪرندڙ ماڻهن مون کي کڻي گهر پهچايو، زيادتي جو نشانو بڻجندڙ نينگر جي والد رفيق ميمڻ ۽ چاچي اسد ميمڻ ٻڌايو ته معصوم نينگر سان وحشي صفت ماڻهن زيادتي ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود ڀان پوليس جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي وحشي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. نينگر علي رضا ميمڻ جو ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽرن شروعاتي رپورٽ ۾ نينگر سان زيادتي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر معين الدين صديقي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته معصوم نينگر علي رضا ميمڻ جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ پازيٽو آئي آهي، جڏهن ته ڪجهه جزا ڪراچي ليبارٽري موڪليا آهن جتان حتمي رپورٽ ايندي، شروعاتي طور تي ٿيل ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ نينگر سان زيادتي ٿيل آهي.