ممبئي (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عام طور ملندڙ ۽ کائجندڙ ڪڪڙ گهرا ڪارا هوندا آهن ۽ انهن جو گوشت به ڪارو ئي هوندو آهي. ان ڪڪڙ جو نالو ڪڙڪ ناٿ آهي ۽ ڀارت ۾ ان کي ڪاري ماسي سڏيو ويندو آهي. اهو ڪڪڙ ڀارت ۾ مشهور آهي ۽ شوق سان کاڌو ويندو آهي. ان جو ڪارو گوشت عجيب هوندو آهي پر پچڻ کانپوءِ ان جو رنگ ٿورو گهڻو ضرور تبديل ٿيندو آهي. ان ڪڪڙ جا پير، مٿو، کل ۽ کنڀ سڀ ڪارا آهن. چيو وڃي ٿو ته عام برائلر ڪڪڙين جي ڀيٽ ۾ ڪڙڪ ناٿ جو گوشت وڌيڪ غزائيت وارو هوندو آهي. ڪاري ماسي پهرين ڀارت جي رياست مڌيا پرديش ۾ وڪامندي هئي پوءِ ان جا چرچا ٻين علائقن تائين به پهتا. هاڻ ڇتيس ڳڙهه، تامل ناڊو، آنڌرا پرديش ۽ مهاراشٽر ۾ به ملندي آهي. هن ۾ چرٻي ۽ ڪوليسٽرول ٻين ڪڪڙڻ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ان ڪري ئي ان جو گوشت به مهانگو وڪامندو آهي ۽ ڪلو گوشت جي قيمت 1000 کان 1200 رپيا ۽ جيئري ڪڪڙ 850 رپيا ڪلو ملندي آهي. وڏو ٿيڻ ۾ وڌيڪ وقت ۽ خرچ وڌيڪ اچڻ ڪري ان جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي عام ڪڪڙ 45 ڏينهن ۾ تيار ٿيندي آهي پر ڪڙڪ ناٿ کي تيار ٿيڻ ۾ 8 مهينا لڳندا آهن. چين ۾ وري گهري سرمائي رنگ ۽ گوشت واريون ڪڪڙيون سليڪز عام آهن.