نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا جا وڌيڪ ساڍا 3 لک ڪيس سامهون اچي ويا، وڌيڪ 2760 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، ڀارتي اعليٰ ترين تعليمي ادارن ۾ به تباهي مچي وئي، علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي جا 10 پروفيسر ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، سپريم ڪورٽ جا جج به وبا جو شڪار ٿي ويا، راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ لاڪ ڊائون ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪئي وئي آهي، آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا وگهي فوتين جو اصل تعداد تمام گهڻو آهي. برطانوي ماهر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته مئي جي پهرين هفتي دوران ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جو روزانو تعداد پنج لکن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ڪورونا وبا جي نئين لهر سان ڀارت ۾ روزانو 5 هزار 700 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، اتي وبا اڃا عروج تي ناهي پهتي.