اسلام آباد (نمائندن وٽان) وفاقي گهرو وزارت سنڌ صوبي کانسواءِ باقي ٽن صوبن، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت به پاڪ فوج جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ِ وفاقي گهرو وزارت کي لکت ۾ درخواست ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد پاران وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته 23 اپريل تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪاميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، صوبا پنهنجي ضرورت مطابق ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج جون خدمتون وٺندا، هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ روزانو ساڍا 3 لک کان 4 لک ڪورونا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، اتي شمشان گهاٽ ۽ قبرستان ڀرجي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هتي پاڪ فوج کي ذميواري ڏني وئي آهي ته جيئن ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ٿي سگهي، هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج جي مدد گھري ورتي، ان ڏس ۾ سنڌ گھروکاتي وفاقي گھرو وزارت کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ سول حڪومت کي فوج جي خدمتن جي ضرورت آهي، آئين جي آرٽيڪل 245 تحت صوبي ۾ سول حڪومت جي مدد لاءِ فوج جون خدمتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائي سگھجي.

ڪراچي ( نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور جاري، ٻالڪ سميت وڌيڪ 118 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، 5611 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 11.27مان گهٽجي 10.17 سيڪڙو تي پهتي هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا سبب 6 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 952 نوان ڪيس سامهون آيا، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت ڪورونا ۾ مبتلا 11649 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 11101 گهرن ، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 539 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 507 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جن مان 47 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 346، حيدرآباد ۾ 128، سکر ۾ 55، لاڙڪاڻي ۾ 38، ڪشمور ۾ 36، مٽياريءَ ۾ 28، شڪارپور ۾ 24، جيڪب آباد ۾ 24، نوشھري فيروز ۾ 16، خيرپور، نوابشاھه ۽ گھوٽڪيءَ ۾ 15-15، ٽنڊي الھيار ۾ 12، قمبر ۽ سانگھڙ ۾ 11-11، دادو ۾ 10، عمرڪوٽ ۾ 7، بدين ۽ ڄامشوري ۾ 6-6، ٽنڊي محمد خان ۾ 5، ميرپورخاص ۾ 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن، هوڏانهن سکر سول اسپتال ۾ داخل اوٻاوڙي واسڻ 20 ورھين جي ماريا ڌيءَ عبدالرشيد ڪورائي ۽ سکر جي ريجنٽ واري علائقي جو رھواسي 60 ورھين جو عبدالمجيد عباسي فوت ٿي ويا، جنهن بعد 3 ڏينھن اندر فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو. حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ داخل پبلڪ اسڪول جو پروفيسر محمد علي ڪيريو دم ڏنو، فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته پروفيسر محمد علي هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا هو، سندس ساهه کڻڻ جي سگهه گهٽجي وئي هئي، اسپتال انتظاميا کيس ڪورونا وارڊ منتقل ڪيو هو پر سندس ڪا ٽيسٽ سامهون اچي نه سگهي هئي، ضلعي ۾ ڪورونا جي شرح گهٽجي 13 سيڪڙو تي پهتي هئي، هوڏانهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل 80 ورھين جو غلام نبي ۽ 60 ورھين جو بنده علي فوت ٿي ويا، هوڏانهن وڌيڪ 2 مريضن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، هن وقت آءِ سي يو ۾ 17 مريضن داخل آهن. ٻئي طرف گمس جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7 مريض داخل ڪيا ويا آهن، جنهن بعد مريضن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي، ٻئي طرف ٺل ۾ پوليس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان 10 کان وڌيڪ دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف ميرواهه گورچاڻي جي وارڊ نمبر 2 جي رھواسي محمد يونس آرائين کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد کيس گهر ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد 4 ٽائونز ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو، ڊي سي سينٽرل ايم بي راجا ڌاريجو هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد، گلبرگ ۽ نارٿ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ 8 مئي تائين مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو آهي. هوڏانهن لاهور ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد 15 علائقن ۾ 7 مئي تائين لاڪ ڊائون لڳايو ويو، ٻئي طرف پشاور جي نصير ٽيچنگ ااسپتال جي نفسياتي شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي ڪورونا هٿان زندگي جي جنگ هارائي ويو، پشاور ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙين تي ضلعي انتظاميه ۽ پاڪ فوج ڪارروايون ڪندي دڪاندارن سميت 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪيا ويا، جڏهن ته مردان ۾ ڪورونا جي شرح 40 سيڪڙو تي پهچڻ بعد ضلعي ۾ هڪ هفتي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو، ان ڏس ۾ ڪمشنر آفيس ۾ گهرو سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رڳو کاڌي پيتي جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا،