ابو ظهبي (م ڊ) ڀارت ۽ متحده عرب امارات ٻه طرفو واپار مقامي ڪرنسين ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي متحده عرب امارات جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو، جتي متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سميت ٻين اعليٰ عملدارن سان سندس ملاقاتون ٿيون، نريندر مودي جي شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڀارت جي مرڪزي بينڪ (ريزروي بينڪ آف انڊيا) ۽ متحده عرب امارات جي مرڪزي بينڪ (سي بي يو اي اي) مقامي ڪرنسين ۾ ڏي وٺ بابت ٻن ٺاهن تي صحيحون ڪيون آهن، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته متحده عرب امارات ۽ ڀارت وچ ۾ مقامي ڪرنسين ۾ واپار جي معاهدي سان ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، نريندر مودي چيو ته گذريل سال جامع اقتصادي ڀائيواري جي معاهدي تي صحيحن بعد کان هندستان ۽ يو اي اي وچ ۾ واپار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ان انتظام سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ناڻي جي ڏي وٺ کي هٿي ملندي، مقامي ڪرنسين جي استعمال سان ڏي وٺ جي لاڳت ۽ ڏي وٺ لاءِ تصفيي جي وقت کي بهتر بڻائي سگهبو، جنهن ۾ متحده عرب امارات ۾ رهندڙ ڀارتين جي ناڻي ڏي وٺ به شامل آهي.