اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي تباهين ۽ بگڙجندڙ صورتحال تي پاڪستان ڀارت کي مدد جي آڇ ڪئي آهي، پرڏيهي ترجمان موجب مدد جي آڇ خيرسگالي جي جذبي تحت ڪئي وئي آهي، پاڪستان ڀارت کي وينٽيليٽرز، ماسڪ، آءِ پي اي پي، ڊجيٽل ايڪسري مشينز ۽ ٻيو سامان ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته انساني بنيادن تي ڀارت کي مدد جي آڇ ڪئي آهي، هاڪاري جواب آيو ته انهن سان گڏ ويهي معاملا طئي ڪنداسين، ڀارت کي وينٽيليٽرز، ماسڪ سوڌو جيڪا مدد ڪري سگهياسين اها ڪنداسين.