لاهور(اسپورٽس نيوز) راند ۾ به ڀارت جي هٺ ڌرمي برقرار آهي. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڀارت پاڪستاني بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن سبب پاڪستان جي بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کان محروم ٿي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪونسل کي باضابطا آگاهه ڪري ڇڏيو ۽ بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪونسل کي ٽيم جا پاسپورٽ وصول ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.