ڪراچي (م ڊ) ڀارت سميت مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۽ قونصل خانن ۾ جشن آزادي جو جشن ملهايو ويو، نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ جهنڊ ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي گذري، ناظم الامور پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن تي جهنڊو بلند ڪيو، ابوظهبي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، سعودي عرب جي راڄڌاني رياض جي سفارتخاني ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ به پاڪستاني سفاتخاني ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي گذري. جڏهن ته چين، آمريڪا، روس، برطانيا، افغانستان، امارات، جاپان، اٽلي، اردن ۽ مصر سميت مختلف ملڪن جي سفيرن پاڪستان کي ڊائمنڊ جوبلي تي مبارڪون ڏنيون، نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو،  چيني سفير چيو ته پاڪستان ۽ چين سٺا ڀائر، سٺا دوست ۽ سٺا پاڙيسري آهن، اسان گڏجي ٻنهي ملڪن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته فخر آهي ته اسانجي 75 سالن جي تعلق ٻنهي قومن ۾ ڪاروباري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو، گذريل مالي سال دوران سڌي ريت آمريڪي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، افغانستان جي ناظم الاامور سردار احمد شفيق پاڪ، افغان لاڳاپن جي بهتري جي خواهش جو اظهار ڪيو، پاڪستان لاءِ نامزد جرمن سفير پاڪستانين کي جشن آزادي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستاني کاڌن جون تعريفون ٻڌيون آهن، اوهان ٻڌايو ته سڀ کان پهرين ڇا آزمائڻ گهرجي.