ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ وٽ توانائي جي مسئلن جو مڪمل، سستو ۽ ڊگھو حل موجود آهي اسان پنهنجن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهون ٿا، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي اثرائتي نموني سان استعمال ڪرڻ جي حوالي سان ڪوٺايل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي جا ذخيرا ڪتب آڻي پرڏيهي تيل تي ٿيندڙ خرچ بچائي سگهون ٿا، هن چيو ته هن وقت ٿر ڪول جي ذخيرن مان 2600 ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ماهرن جي مشاورت سان ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن جي وڌيڪ موثر استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ ڪابينا کي  مشاورتي اجلاس جي تجويزن کان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ريلوي واري وفاقي وزارت جي تعاون سان ٿر جي ڪوئلي جي ذخيرن کي مين ريلوي لائين سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي ٻين پاور پلانٽس تائين پهچايو وڃي، هن چيو ته  بايو گيس منصوبي تي جلد عمل ڪيو ويندو