ملتان(اسپورٽس نيوز) ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 3 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾  ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنز ٺاهيون. شان مسعود 51 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. محمد رضوان شاندار اننگز کيڏندي 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 64 بالن ۾ 110 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، جڏهن ته رلي روسو 29 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي. ڪراچي ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنز ٺاهي سگهي. عماد وسيم 47 رنز جي جارحاڻي اننگ کيڏڻ باوجود ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. جيمز ونس 75 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ڪراچي ڪنگز طرفان عباس آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون.