مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو)  ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن قومي ۽ ٽن صوبائي تڪن تي جي ڊي اي پاران اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آھي ۽ کين چونڊ ٽڪيٽ به جاري ڪيا ويا آھن جي ڊي اي پاران اعلانيل اميدوار ۾ قومي تڪ اين اي 215 ٿرپارڪر ٽو تي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ٽڪيٽ ڏنو ويو آھي جنهن جو مقابلو پ پ پ اميدوار ڊاڪٽر مهيش ملاڻي سان ٿيندو۔ قومي تڪ اين اي 214 ٿرپارڪر ون تي جي ڊي اي پاران اڳوڻي ايم پي اي عبدالرزاق راهمون کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، جنهن جو مقابلو پ پ پ جي اميدوار اڳوڻي ايم اين اي امير علي شاھ جيلاني سان ٿيندو، جڏهن ته ساڳئي تڪ تي پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين مخدوم شاھ محمود قريشي ۽ سندس پٽ زين العابدين قريشي پڻ اميدوار طور ميدان تي لٿل آھن، جن جو جي ڊي اي سان سيٽ ايڊجسميٽ طور دستبردار ٿيڻ جا امڪان آھن، جڏهن ته ٿر جي ڏيپلو مٺي واري صوبائي تڪ پي ايس 55 تي جي ڊي اي پاران اڳوڻي ايم اين اي ارباب ذڪاءُ الله کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي جنهن جو اصل مقابلو پ پ پ جي اميدوار اڳوڻي ايم پي اي ارباب لطف الله سان ٿيندو۔ اسلام ڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 54 تي جي ڊي اي پاران ارباب خانصاب توڳاچي کي ٽڪيٽ ڏنو ويو آھي جنهن جو مقابلو پ پ پ جي اميدوار اڳوڻي ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي سان ٿيندو۔ ننگرپارڪر واري صوبائي تڪ پي ايس 53 تي جي ڊي اي پاران ارباب انور جبار کي ٽڪيٽ ڏنو ويو آھي جنهن جو مقابلو پ پ پ اميدوار اڳوڻي ايم پي اي قاسم سراج سومرو سان ٿيندو۔ جڏهن ته جي ڊي اي پاران ڇاڇرو واري صوبائي تڪ پي ايس 52 تي شير خان سميجو کي ٽڪيٽ ڏنو آھي جنهن جو مقابلو پ پ پ اميدوار دوست محمد راهمون سان ٿيندو جڏهن ته مختلف سياسي ۽ مذھبي جماعتن سميت ڪيترائي آزاد اميدوار پڻ ميدان تي لٿل آھن  پر ٿرپارڪر ضلعي ۾ اصل مقابلا پ پ پ ۽ جي ڊي اي ۽ انجي اتحادي اميدوارن وچم ٿيندا.