ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان جي يونين ڪونسل ڌماچ جي ڳوٺ عبدالله خاصخيلي جي رهواسين بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف  علي احمد خاصخيلي، عالم خاصخيلي، اڪبر خاصخيلي، رجب خاصخيلي، ميان بخش خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته واٽر سپلاءِ جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.