حب الوطني جو لازوال ڪردار مارئي

0
317
حب الوطني جو لازوال ڪردار مارئي

پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ سان محبت انسان جو هڪ فطري عمل آهي. اهو جذبو انسان جي خمير ۾ ازل کان موجود رهيو آهي. لطيف سائينءَ جي سٽ “سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري” ان ڳالهه ۾ ڌرتيءَ سان حُب جو رس وجهي ٿي.

                 هونئن ته اسان وٽ حب الوطنيءَ جا ڪيترائي مثالي ڪردار موجود آهن پر ٿر ڄائي مارئيءَ جو ڪردار حب الوطني جي حوالي سان هڪ نرالو ۽ لازوال ڪردار آهي.  حب الوطني جي هن عظيم ڪردار کي شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ميين شاهه عنايت رضوي ۽ سچل سرمست کان سواءِ جديد شاعرن به پنهنجي شاعري ۾ ڳائي هميشه امر بڻائي ڇڏيو آهي. “شاهه جي رسالي” ۾ “سُر مارئي” هڪ اهڙو داستان آهي، جنهن مان سنڌ جي عورت جي لڄ، عصمت ۽ عظمت جا اعليٰ گڻ نروار ٿين ٿا. لطيف سرڪار پنهنجي شاعريءَ ۾ سندس شبيهه هڪ سلڇڻي ۽ باڪردار نياڻيءَ واري جوڙي آهي، جنهن ڪوٽ ۾ هوندي به پنهنجي مائٽن جي عزت ۽ اباڻن ڪکن لاءِ دل ۾ اُڪير رکي اسان سڀن لاءِ هڪ مثال جوڙيو آهي. لطيف سرڪار مارئيءَ جي سونهن ۽ سُندرتا کي به اعليٰ تشبيهن ذريعي نروار ڪيو آهي، ۽ چيو اٿس ته:

اُڀريو آس ڪري ساڻيهه مٿان سج،

پکي ۾ پدمڻي، ڏئي وراڪا وِڄ،

جهڙي صورت سج، تهڙي صورت مارئي!

مختلف روايتن ۾ اچي ٿو ته، مارئي پالڻي نالي هڪ ٿري پنوهار جي ڌيءَ هئي ۽ سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي هو. وٽن ڦوڳ نالي هڪ هاري ڪم ڪندو هو. مارئي سونهن ۽ سوڀيا جي سرس هئي.

جڏهن مارئي جوڀن تي پهتي، تڏهن ڦوڳ نالي هڪ هاري مارئي جي مائٽن کان سڱ گھريو، جيڪو مارئيءَ جي مائٽن ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ جو مارئي جو مڱڻو اڳي ئي کيت نالي نوجوان سان ٿيل هو. ان ڪري مارئيءَ جي پيءُ مارئيءَ جو سڱ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو. اهڙي عمل تي ڦوڳ جي دل ۾ ساڙ پيدا ٿيو ۽ وير وٺڻ لاءِ امرڪوٽ وڃي عمر سومري جا ڪن ڀريائين. مارئي جي سونهن جي هاڪ ٻڌي عمر مارئي جي ڳوٺ ڏي راهي ٿيو. نيٺ کوهه تان پاڻي گھرڻ جي بهاني عمر سومري کي اُٺ تي زوري کڻي امرڪوٽ ۾ اچي پنهنجي محل (ڪوٽ) ۾ قيد ڪيو. عمرڪوٽ جي ڪوٽ ۾ مارئي کي پنهنجا اباڻا ڪک نه وسري سگهيا ۽ هوءَ لطيف جي لفظن ۾ چوندي رهي ته:

ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،

اچي امرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

عمر جي قيد ۾ مارئي خوشبودار پُلائن، اطلس ۽ ريشم جي ويس وڳن کان پنهنجي اباڻي لوئيءَ کي اُتم سمجهيو ۽ ان کي ترجيح ڏني. سندس لاءِ اباڻا، چتين وارا ڪپڙا عمر جي آڇيل بخملن ۽ بافتن کان وڌيڪ ملهائتا هئا.

سهسين سبيا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،

اباڻن جي آسري، ڪتي ڪانه ڪيام،

جا ڍٽ ڍڪيام، تنهن جو پرور پڻ رهائين.

مارئي پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ مارن سان بي انتها محبت جو ثبوت ڏئي وطن دوستيءَ جي جذبي کي نروار ڪيو آهي.

آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنوهارن پچار،

جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ريءَ لهار،

ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،

پکا ۽ پنوهار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.

عمر جي قيد ۾ رهي مارئي پنهنجي ست کي برقرار رکيو. ڪن ليکڪن لکيو آهي ته مارئي، ستي ساوتريءَ جو روپ هئي، جنهن جي عظمت ۽ وطن دوستيءَ جهڙو شاندار مثال دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ٿر مارئي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو  ثقافت کاتي  سياحت کاتي سنڌ طرفان ٿر جي ڳوٺ ڀالوا ۾ مارئي جي کوھھ کي يادگار طور جوڙيو ويو آھي ۽ اتي ھڪ ننڍڙو ميوزيم پڻ ٺاھيو ويو آھي  جنھن ۾ علامتي طور تي مارئي ۽ عمر جا مجسما ۽ ٿري لباس جا مختلف نمونا اتي موجود آھن. مارئي جي لازوال ڪردار کي سنڌ ۾ مختلف وقتن تي ياد پڻ ڪيو ويو آهي۽ ڀالوا ۽ مٺي ۾  مارئي جا ميلا پڻ منعقد ڪيا ويا ھئا. ڀالوا ۾پھريون ڀيرو  1967ع ۾ ميرمحمد بخش ٽالپر مارئي جو ميلو لڳرايو ھو،انھي دور ۾  ھي ميلو شاندار نموني لڳايو ويو ھو، انھي ميلي ۾ ٿر جي ڪيترن ئي فنڪارن کي اڳتي اچڻ جو موقعو مليو ھو. انھي  ميلي کان پوءِ 1997ع ۾ درمحمد ڪمال جي ڪوششن سان ثقافت کاتي سنڌ پاران مٺي ۽ ڀالوا ۾ مارئي جو ميلو لڳايو ويو ھو  جيڪو تڪراري بڻجي ويو  ھو. انھي تڪرار ۾ وقت جا ايم اين اي، ايم پي اي پڻ شامل ٿيا ھئا بعد ۾ 1998ع۽1999ع ۾ڳوٺاڻن ۽ مٺي جي سول سوسائٽي پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت مارئي جو ميلو ملھايو ويو  ھو. اھڙي ريت 2003ع ۽2008ع ۾ پڻ ثقافت کاتي سنڌ پاران مارئي ميلو لڳايو ويو ھو پر گذريل ڪيتري عرصي کان مارئي کي ياد ناھي ڪيو ويو. مون کي چگي ريت ياد آھي ته 2008ع ۾ مارئي ميلي جي ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي سنڌ اھو اعلان ڪيو ھو ته اسان ھر سال سنڌ بجيٽ ۾ مارئي ميلي لاءِ الڳ رقم رکنداسين ۽ ھر سال مارئي ميلو لڳائينداسين پر اڳتي ھلي ايئن ڪونه ٿي سگھيو  .ھن وقت جڏھن ثقافت کاتي جو قلمدان سنڌ جي خوبصورت تخليقڪار سردار شاھھ وٽ آھي ته  پوءِ منھنجي خيال ۾ مارئي ميلو ملھائڻ جي حوالي سان ڪا پيش رفت ضرور ٿيڻ گھرجي.  ثقافت کاتي جي وزير سردار شاھھ پنھنجي وزارت واري عرصي ۾ ڪجھھ زبردست ڪم پڻ ڪرايا آھن  ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران جھڙي ريت لطيف ميلي ۽ قلندر جي ميلي لاءِ بجيٽ رکي ويندي آھي ايئن ھرسال مارئي ميلي لاءِ پڻ بجيٽ رکڻ گھرجي ۽ ھر سال مارئي جو ميلو لڳائڻ گھرجي.  مارئي ميلي جي حوالي سان وسڪاري کان پوءِ وارا مھينا آڪٽومبر ۽ نومبر  ميلو  لڳائڻ لاءِ موزون آھن. ھي ميلو ڀلي وسڪاري خوشحالي جي جشن طور ملھائي سگھجي ٿو.  ھي ميلو ملھائڻ سان ثقافت کي روشناس ڪرائي سگھجي ٿو ۽ ٿر  جي شاھوڪار روايتن  موسيقي ادبي ذوق سگھڙائپ کي فروغ  ملي سگھي ٿو. ميلي ۾ ھنرمند ماڻھن جي ھنر کي پذيرائي ملي سگھي ٿي.