سٺ ميل: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوآرڊينٽر مير سھراب خان مري پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي جنھن ھميشه غريب عوام جي ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو آھي. برساتن سبب علائقي جي غريب ماڻھن جو تمام گھڻو نقصان ٿيو جنھن کانپوء پوري علائقي جو صحت جي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوھو وزٽ ڪري نقصان ٿيل ماروئڙن کي ٽينٽ راشن روڪ رقم پڻ ڏني ۽ ھر ممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي وئي جنھن جي ھاڻ سافڪو پاران سروي جاري آھي علائقي جي ڪيترن ئي غريب ماڻھن کي 75 ھزار رپين جي پھرين قسط جاري ڪئي وئي آھي. سٺ ميل ۽ آس پاس علائقي جا شاگرد ڪاليج جي سھولت نه ھجڻ ڪري پڙھڻ لاء نوابشاھ، دوڙ ويندا ھئا پيپلزپارٽي پاران گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي سھولت ڏني وئي آھي. برساتن کانپوء روڊ ناڪاره بڻجي ويا ھئا جنھن کانپوء روڊن جو ترقياتي ڪم جاري آھي.