ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ باءِ پاس ڀرسان بي ھوشي واري حالت ۾ مليل نوجوان تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوت ٿي ويو. سڃاڻپ خيرپور ميرس جي رھواسي 35 ورھين جي امداد علي نالي سان ڪئي وئي. پوليس موجب ميھڙ انڊس ھاءِ وي ڪوچ اسٽاپ وٽ ميھڙ باء پاس ڀرسان بي ھوشي واري حالت ۾ نوجوان پيل ھجڻ جو اطلاع مليو جنھن کي اسپتال پھچايو جتي ھو فوت ٿي ويو سندس کيسي مان ڪارڊ ۽ نمبر ملڻ تي وارثن کي اطلاع ڪيو.  ھوڏانھن اطلاع تي فوتي نوجوان جي ڀاءُ بشير احمد ميھڙ پھچي نوجوان جو لاش وصول ڪيو. بشير احمد ٻڌايو ته ڀاءُ گذريل ڇنڇر کان گم ھو،  ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي، شفاف جانچ ڪئي وڃي. ھوڏانھن تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽرن موجب فوتي جي جسم تي ڌڪ يا تشدد جو ڪو به زخم جو نشان نظر نه آيو آھي، اندازي مطابق اٽيڪ سبب موت جو ڪارڻ ٿي سگھي ٿو وارث سندس پوسٽ مارٽم نه پيا ڪرائڻ چاھين بنا پوسٽ مارٽم جي وارث لاش گھر کڻائي ويا.