حيدرآباد/ميرپوخاص (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سنڌ پئٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافي خلاف سڀاڻي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاج جو سڏ ڏيندي 17 ڊسمبر تي سنڌ ۾ گئس بندش خلاف به احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو رضوي هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لانگ مارچ کي استعيفائن سان مشروط ڪندڙ 6 مهينن کانپوءِ بنا استعيفائون ڏيڻ جي مهانگائي مارچ جو اعلان ڪري هٿ وٺي عمران خان کي وڌيڪ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، هاڻ پي ڊي ايم استعيفائون ڇو نٿي ڏئي، جيڪڏهن استعيفائون نه ڏيڻيون هيون ته لانگ مارچ ڇو ملتوي ڪيو ويو؟ بلدياتي نظام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بلدياتي قانون ۾ ترميم ڪري سنڌ جي هر هيڊڪوارٽر ۾ ڪارپوريشن ۽ ڪارپوريشن ۾ ٽائون بڻايا ويا آهن ۽ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري حيثيت ڇو نه ملي؟ ان تي اجايا اعتراض آهن، جيڪڏهن وزير اعظم ۽ سينيٽ لاءِ ڳجهو ووٽ آهي ته پوءِ ميئر لاءِ اعتراض ڇو آهن، اهو قانون ۾ نٿا لکي سگهون ته صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ميئر ايم ڪيو ايم وٽان هوندو، عوام جي مرضي آهي، جنهن کي ميئر چونڊي. سنڌ اسيمبلي کي اختيار آهي ته گورنر جي اعتراض واري بل کي ٻيهر يا ٿوري ترميم ڪري منظور ڪري ته بل قانوني بڻجي ويندو، پوءِ گورنر جي منظوري جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ عوام جي زندگي جنجال ٿي وئي آهي دنيا ۾ پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي، پر هتي مهانگو ڪرڻ جون تياريون ٿين ٿيون. پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف هو 10 ڊسمبر تي سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪندا جڏهن ته 17 ڊسمبر تي گئس جي بندش ۽ کوٽ خلاف ضلعي هيڊڪوارٽر پريس ڪلبن آڏو احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.