پڊعيدن واسي فوجي جوان وانا ۾ شهيد ٿي ويو

0
257

پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن واسي فوجي جوان وانا وزيرستان باڊر تي دشمنن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو، پيرصادق لڳ ڳوٺ ڏگيجا جو رهواسي فوجي نوجوان ڪامران علي پٽ سڪندر علي منگي وانا وزيرستان باڊر تي 8 ڏينهن اڳ دشمنن سان وڙھندي زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو علاج هلندڙ ھو پر گذريل ڏينهن هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جو مڙھ ضروري ڪاروائي کان پوءِ پير صادق لڳ سندس اباڻي ڳوٺ ڏگيجا ۾ پهچائي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.