پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن وارڊ نمبر چار واسي 15 سالن جو نينگر ذوالفقار علي ولد بخشل اڄڻ 5 ڏينهن اڳ اوچتو گهران  لاپتا ٿي ويو آهي، جنهن جي ڳولا ۾ وارث پريس ڪلب پهچي ويا نينگر جي ڀاءُ شھزاد علي اڄڻ ٻڌايو ته ڀاءُ جو ذھني توازن درست نه آھي گذريل پنج ڏينهن کان لاپتا ٿي ويو آھي تمام گهڻي ڳولا ڪئي آھي پر ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آھي جنهن ڪري تمام سخت پريشان آھيون نينگر جي وارثن انتظاميا ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.