پٿورو (ن پ ا) 8 مهينا اڳ پٿوري تعلقي جي شھر غلام نبي شاھ لڳ پنهنجي اوطاق تي قتل ٿي ويل شوڪت سمون جي قتل ڪيس ۾ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ پٿورو اين اي 221 ٿرپارڪر تان چونڊيل پي پي ايم اين اي امير علي شاھ جيلاني سميت 4 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جنهن جو ليٽر غلام نبي شاهه ٿاڻي تي پڻ موڪليو ويو آھي، شوڪت سمون قتل ڪيس ۾ پي پي ايم اين اي سميت 9 جوابدار ڪيس ۾ نامزد ٿيل آھن 15 ڏينهن اڳ پي پي ايم اين اي جو نالو عدالتي حڪم تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو، ياد رهي ته شوڪت سمون کي 8 مهينا اڳ ان وقت قتل ڪيو ويو هو جڏهن هو پنهنجي زرعي زمين واري اوطاق تي ويٺل هو. هينئر عدالت طرفان پوليس کي امير علي شاهه جيلاني سميت 4 ملزمن کي 31 جولاءِ تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.