ميرپورخاص: گهوٽ جي والد رمضان کوکر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته پٽ صابر منھنجي سئوٽ جي نياڻي سائرهه کوکر سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، ڊگھڙي واري علائقي مان شادي ڪري گھر پھتاسين، شادي جي پھرين رات اسر ويل ڪمري مان اوچتو پسٽل جي فائر جو آواز ٻڌو، اسان اندر وڃي ڏٺو ته بيڊ تي صابر کي سيني ۾ گولي لڳل ھئي، پسٽل جي مون کي ڪا به خبر ناھي ته هن ڪٿان آندو، اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناهي، پوليس اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف ڏياري، ٻڌايو پيو وڃي ته ھٿ آيل پسٽل گھوٽ جي دوست راجا جو ھو، جنهن ۾ شادي ۾ فائرنگ ڪرڻ بعد اهو گهوٽ وٽ رکي ڇڏيو هو، راجا واقعي بعد فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس راجا جي ڳولا ڪري رھي آهي، جيڪو آخري اطلاعن تائين هٿ اچي نه سگهيو هو.