ڪراچي: سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن جي حوالي سان پي ڊي ايم جو اجلاس صوبائي وزير فراز ڏيرو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، سجاول ۽ ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي ڊي ايم جا آفيسر، پاڪ آرمي ۽ نيوي جا نمائندا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي صوبائي وزير امڪاني طور متاثر ٿيندڙ ضلعن ۾ هنگامي صورتحال ۾ ٽرانسپورٽ ۽ متاثرين کي رهائش توڙي سندن کاڌي پيتي ۽ طبي امداد لاءِ تيارين جي هدايت ڪئي.