پي ٽي آءِ پنجاب جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي

0
274
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار
پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي وڏ وزارت جي عهدي تان استعيفيٰ منظور

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ پنجاب جي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي مشاورتي ڪائونسل پنجاب ۾ مڪاني چونڊون وڙهڻ جو پلان مڪمل ڪري ورتي آهي

ذريعن موجب پنجاب ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندو ۽ هر مهيني مڪاني ادارن جي چونڊن جي تيارين جي رپورٽ وزيراعظم کي موڪلي ويندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته مڪاني ادارن جي چونڊن کان اڳ سمورن سرڪاري کاتن ۾ خالي جايون ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ضلعي حڪومتن ۾ ڊيلي ويجز ملازمن جي ڀرتي لاءِ اسيمبلي ميمبرن لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي ۽ پارٽي تنظيم ۾ اڳئين عهدن تي ويٺل ماڻهن بدران نوان ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا

پي ٽي آءِ پنجاب جي مشاورتي ڪائونسل لوڪل باڊي ايڊمنسٽريٽرن کي به هدايت ڪئي آهي ته فنڊز اسيمبلي ميمبرن جي مشاورت سان استعمال ڪن