اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي ۾ باغي ميمبرن جي نااهلي بابت ريفرنس ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو  جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو،  ڪالهه چيف اليڪشن ڪميشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي مان منحرف ميمبرن جي نااهلي لاءِ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پاران موڪليل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، 10 منحرف ميمبرن پاران پيش ٿيل وڪيل خالد اسحاق دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبرن کي پهرين اپريل جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جو نه دعوت نامو مليو نه ئي کين ايجنڊا فراهم ڪئي وئي، ٻن ميمبرن کي 7 اپريل تي شوڪاز مليو ان کانسواءِ ڪنهن به ميمبر کي ڪو نوٽيس نه مليو آهي، 18 اپريل تي جيڪا نااهلي لاءِ ڊڪليئريشن موڪلي وئي ان جي ڪاپي به ميمبرن کي نه ملي آهي، ميمبرن کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو،  پارلياماني پارٽي جي اجلاس کان پوءِ هڪ جعلي دستاويز ٺاهيو ويو، عمران خان روز اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪري ٿو، پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته فلور ڪراسنگ وبا آهي،هن چيو ته دليلن ۾ چيو ويو ته پارٽي هدايت نه ڏني هئي، اهو دليل بنا جواز آهي ته پرويز الاهي جي مقابلي ۾ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان منع نه ڪيو ويو هو، پهرين اپريل تي پي ٽي آءِ جي تمام اسيمبلي ميمبرن  کي پرويز الاهي کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي چيف وهپ به ميمبرن کي خط لکي آگاهه ڪيو هو، 4 اپريل تي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل خط لکي ميمبرن کي آگاهه ڪيو.  عليم خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن موقعي تي اضافي دستاويز جمع نه ٿا ٿي سگهن، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ڪوريئر ڪمپني جون رسيدون جمع ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي، دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو.