شهباز شريف پاڪستان جو 23 ھون وزيراعظم چونڊجي ويو

0
212
شهباز شريف جو مطالبو
مري سانحي جي ذميوار حڪومت آهي، عدالتي ڪميشن جوڙيو وڃي: شهباز شريف جو مطالبو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ)  نواز ليگ جو صدر شھباز شريف پاڪستان جو 23 ھون وزيراعظم چونڊجي ويو آھي، قومي اسيمبلي جواجلاس جاري آھي، عمران خان جي اعلان بعد پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي پاران استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عمران خان چيو آھي تھ چورن جي اسيمبلي ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ويهندس، اڪيلي سِر استعيفيٰ ڏيڻ پئي ته ڏيندس

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي  اميدوار شاھ محمود قريشي پاران بائيڪاٽ ڪيو ويو

اڳوڻي وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني اجلاس ۾ سمورن ميمبرز طرفان عمران خان جي اعلان جي تائيد ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جي چيف وهپ عامر ڊوگر ميمبرز کان استعيفائن تي صحيحون ڪرائي ورتيون

اجلاس بعد فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جِي چونڊ جَي بائيڪاٽ جو به فيصلو ڪيو اٿئون، پي ٽي آءِ جو ڪوبه ميمبر ووٽ ڪاسٽ نه ڪندو، موجوده اسيمبلي ۾ويهڻ جو مطلب پرڏيهي سازش جو حصو بڻجڻ آهي، اسيمبلي ۾ بيهي سمورا ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏينداشاهه محمود قريشي

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف جي مقابلي ۾ شاهه محمود قريشي کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شاھ محمود قريشي ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم  سوري پاران گڏيل استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

عمران خان چونڊيل وزيراعظم هو، هن کي پرويز مشرف سان نه ڀيٽايو: چيف جسٽس