!پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ هائوس وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

0
562
پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ هائوس
پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ هائوس وڃڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو!

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن راجا رياض ۽ نواب شير وسير سنڌ هائوس اسلام آباد اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ٻنهي ايم اين ايز چيو ته هو پارليامينٽ لاجز ۾ پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن ان ڪري کين سنڌ هائوس اچڻو پيو.  ميمبر قومي اسيمبلي راجا رياض چيو ته اسان وٽ پي ٽي آءِ جا 12 نه پر 24 ايم اين ايز آهن، پرويز الاهي جي ايم اين ايز جي انگ بابت ڄاڻ درست ناهي، وڌيڪ ايم اين ايز اچڻ لاءِ تيار آهن پر ن ليگ کين ايڊجسٽ ناهي ڪيو

هن چيو ته اسان پنهنجي ضمير موجب فيصلو ڪيو آهي، ضمير جي حساب سان ووٽ ڏينداسين، خان صاحب سان اختلاف آهي ان ڪري ضمير موجب فيصلو ڪيو آهي، خان صاحب ضمانت ڏي ته ضمير موجب فيصلو ڪندڙن مٿان پوليس حملو نه ڪيو ويندو ته پوءِ اسان پارليامينٽ لاجز منتقل ٿي وينداسين

ان حوالي سان ميمبر اسيمبلي نواب شير وسير جو چوڻ هو ته پارليامينٽ لاجز واري واقعي سبب اسان سنڌ هائوس منتقل ٿي ويا آهيون، ووٽ وجهڻ لاءِ اسان فواد چوڌري کي ڀاڪر پائي وينداسين. اسان کي فواد چوڌري کان پڇڻ جي ضرورت ناهي

نواب شير وسير وڌيڪ چيو ته اهي ڊاڙون آهن، هو اسان کي گهوڙا، گڏهه، خچر چون ته ڀلائي جي ڪهڙي توقع ڪيون، سياستدان کي اهڙي ٻولي استعمال نه ڪرڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي سنڌ هائوس ۾ موجود قومي اسيمبلي ميمبرن مان راجا رياض، باسط سلطان بخاري، نواب شير وسير ۽ نور عالم خان جا نالا سامهون اچي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ميمبرن پنهنجا نالا ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ھي بھ پڙھندا

 

حڪومت پاران سنڌ هائوس اسلام آباد تي وڏي ڪارروائي جي تياري

وزيراعظم پاران سويلين حساس ادارن کي پارليامينٽ ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم