اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي غير ملڪي فنڊنگ ڪيس جي اسڪروٽني ڪندڙ ڪاميٽي ۾ دستاويزن جو جائزو وٺڻ دوران ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ جي اڪبر ايس بابر پاران ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ مان مقرر ٿيل نثار دراني ۽ بلوچستان مان مقرر ٿيل شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل بينچ اهڙو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڄاڻايل بينچ درخواست گذار اڪبر ايس بابر جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اڪبر ايس بابر کي ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ ماڻهن ذريعي پي ٽي آءِ جي غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ جمع ڪرايل دستاويزن جي جائزي جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ هن ان جائزي دوران ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ جي درخواست ڏني، پر اليڪشن ڪميشن کيس 14 اپريل تي صرف رڪارڊ ۽ دستاويزن جو جائزو وٺڻ جي اجازت ڏني هئي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن اليڪٽرانڪ ڊوائيس استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني هئي، اڪبر ايس بابر جي دستاويزن جي جائزي لاءِ ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪجي ٿو، اسڪروٽني ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن جي 14 اپريل تي ڏنل فيصلي تي عملدرآمد ڪري، اسڪروٽني ڪاميٽي اليڪشن ڪميشن جي ٽي او آرز تحت مناسب حڪم جاري ڪري سگهي ٿي ۽ پنهنجي اختيارن جو مناسب استعمال به ڪري سگهي ٿي، سياسي پارٽيون هن ڪيس ۾ غيرضروري معاملا ۽ اعتراض نه اٿارين.