لاهور (م ڊ) لاهور جي عدالت رياست مخالف بيان ڪيس ۾ گرفتار نواز ليگ جي اڳواڻ جاويد لطيف جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ليگي اڳواڻ جاويد لطيف ڳالهائيندي چيو ته پوليس چورن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙڻ بدران منهنجي پويان لڳل آهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي جيل ۾ مون کان وڌيڪ سهولتون مليل آهن، اسان کي صرف انصاف ملڻ گهرجي.