پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس: اليڪشن ڪميشن طرفان 10 ڏينهن اندر اسڪروٽني ڪميٽي بابت اسٽيٽس ٻڌائڻ جو حڪم

0
230
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب
پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم بعد اليڪشن ڪميشن جو هنگامي اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 10 ڏينهن اندر اسڪروٽني ڪميٽي بابت اسٽيٽس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

 مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلز پارٽي 11 اڪائونٽس ڇو ڳجها رکيا هئا؟، حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن، اسد عمر چيو ته انصاف سڀني لاءِ برابر هُجڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته ٽنهي اسڪروٽني ڪميٽيز جون رپورٽ تيار ڪيون وڃن

ھن چيو تھ رپورٽس سامهون اچڻ بعد سڀني کي خبر پئجي ويندي ته پي ٽي آءِ شفاف نموني فنڊ گڏ ڪيا: درخواستگذار اڪبر ايس بابر چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي پي ٽي آءِ جي 6 ڳجهن اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي پر ڪنهن هڪ اڪائونٽس جا تفصيل به سامهون ناهن آندا ويا