اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پاران انتقام واري سياست نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کي سيز فائر جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.  اسان جي طرفان سڀني لاءِ معافي آهي. اسين چئون ٿا ته ملڪ ۽ قوم خاطر جنگبندي ٿيڻ گھرجي. ڪليش آف نائٽن ختم ٿيڻ گھرجي، اسان جي طرفان سڀني کي معاف ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو ملڪ جي معيشت، آئين ۽ قانون جي بالادستي خاطر ڳالهيون چاهيون ٿا. اسان کي ڪنهن کان انتقام ناهي وٺڻو پوءِ به اسان تي ظلم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته زيادتي ته اسان سان ٿي رهي آهي.  اسين آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪريون ٿا.