پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل

0
46

سکر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي وڏو سياسي جهٽڪو لڳو آهي، پي ٽي آءِ جي سکر ڊويزن جي وقتي صدر منور چوهاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي

پ پ اميدوار نعمان اسلام شيخ، فرخ شاهه ۽ ميئر ارسلان شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي منور چوهاڻ پي ايس 24 تي چونڊن لاءِ فارم ڀرايو هو، منور چوهاڻ چيو ته مون تي ڪو دٻاءُ ناهي، پنهنجي مرضي سان پ پ ۾ شامل ٿي رهيو آهيان

منور چوهاڻ  چيو ته پي ايس 24 تي چوهاڻ برادري سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيد فرخ شاهه جي حمايت ڪندس

منور چوهاڻ پي ٽي آءِ سنڌ ۽ ايل او ايل قيادت کان ناراض ٿي پارٽي ڇڏي