بلاول پاران پنجاب ۾ سمورين پارٽيز سان مقابلي جو اعلان

0
34

بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ چونڊن دوران سمورين سياسي جماعتن سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

فيصل آباد جي تانديان والا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ سمورين جماعتن سان مقابلو ڪري ڏيکاريندي

هن چيو ته ڪو جيل مان نڪرڻ لاءِ ته ڪو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، پيپلزپارٽي رڳو عوام جي خدمت لاءِ اليڪشن وڙهي رهي آهي

بلاول چيو ته اقتدار ۾ اچي غريبن لاءِ 30 لک گهر ٺاهينداسين، پنجاب جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪنداسين

هن چيو ته بينظير هاري ڪارڊ، بينظير مزدور ڪارڊ ۽ بينظير اسٽوڊنٽ ڪارڊ جاري ڪنداسين، ملازمن جون پگهارون ۽ مزدورن جي آمدني ٻيڻي ڪنداسين